تون پارس آئون لوهه

تون پارس آئون لوهه

تون پارس آئون لوهه

تون پارس، آئون لوهه (ڪتاب ):هي ڪتاب مشهور شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو سيپٽمبر 1994ع ۾ ديدار بُڪ ڊپو، ٽنڊي الهيار شايع ڪيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ مخدوم جميل الزمان لکي ٿو ته: ”مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا ڪيترائي اهڙا شعر آهن، جن ۾ سلوڻائي، خيالن جي نفاست، ٻوليءَ جا مقبول عام محاورا، هڪڙي ئي منٽ ۾ سمجهه ۾ ايندڙ تشبيهون، سهڻن جا واعدا، سڄڻن جا دلاسا، وفا جو اعتماد، عشاقن جي نهٺائي، اڌورا خواب، انتظارن جو مزو، پنهنجي عقيدت مندانه عشق و محبت جي اظهار جا معزز طريقا، اڻ کٽ تمنائون ۽ يادگيريون يا اهڙا ٻيا انساني جذبا جيڪي جڏهن اکرن جي صورت ۾ اچن ٿا ته انهن کي تغزل ۽ شاهه بيت وغيره جهڙا لقب ڏنا ويندا آهن، اهي سندس ڪلام ۾ جابجا نظر ايندا .“ ڪچي جلد سان، 184 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو